اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ترانو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لا??چن?? تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ ف??قي ۾ نه پئو“ آهي. ه?? چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو آفيشل ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ڊڪليئر ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي ??ر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ترانو پيش ڪيو ويو. ه?? چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ترانو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ه?? چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.
ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن