اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو آهي ته فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، بار ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فر??همي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي ب??يادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره ۽ تعلقي بار حويليان جي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت سستا قرض فر??هم ڪيا ويندا، چوڌري فواد ??سي?? چيو ته بار ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته جهلم کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جهلم جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لاڳت سان جلال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان جهلم ٻن لائين واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان تائين رستو هن سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد ??سي?? چيو ته ان رستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مانسهره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته بار ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فر??همي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، بار ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي جي صدر ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسميع کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان راجا ايڊووڪيٽ ميان عبدالرحمان، محمد انعام الحق، پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد ??سي??، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد جي صدر حاجي صابر ??سي?? تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد جي صدر عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سميع الرحمان، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره جي صدر بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي بار حويليان جي صدر رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظهير خان ۽ نائب صدر سعيد خان شامل هئا، بار ايسوسئيشنز جي ميبرن وقت فر??هم ڪرڻ تي وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? جو ٿورو به ادا ڪيو.
فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش