اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪ??ام?? زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي اسپيشل اڪ??ام?? زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بو??ان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي ف??ال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪ??ام?? زونز تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي جلد ف??ال بڻايو ويندو، اجلاس کي اسپيشل اڪ??ام?? زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪم??نين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ف??ال اسپيشل اڪ??ام?? زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
خصوصي اقتصادي زونز بابت مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ۽ سيڙپڪارن جي سهولتي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais