ڪراچي – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي ??ندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي، پي ڊي ايم جي نالي تي مخال?? ڌر هڪ بي ذائقه ڊش تيار ڪئي ??نه?? کي هي پاڻ به چکي نه ٿا سگهن، اهي سڀ پارٽيون دم ٽوڙيندڙ سياسي تخت نشيني جي ويڙهه جو حصو آهن، ڀان متي ڪنبو جوڙيو، ڪٿان جي ??رهه ڪٿان جي ??يتي، انهن جي ??ورتحال اها آهي، مخال?? ڌر عمران خان کي چئلينج ڏيڻ چاهي ٿي ته اهي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائين، هن وقت پاڪستان جو ڪو ليڊر آهي اهو عمران خان آهي، اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن ليڊر افغانستان تي ايتري واضح پاليسي ناهي ڏني، ا??ان پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ا??ان هڪ ٻڏل معيشت کي سهارو ڏنو، ايندڙ مالي سال ۾ ا??ان جي معيشت 6 سيڪڙو تائين ترقي ڪندي، مخال?? ڌر اڳواڻ چونڊ سڌارن تي پارليامينٽ کان ٻاهر معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو، صاف ظاهر آهي شهباز شريف جو پنهنجي پارٽي تي ڪنٽرول نه آهي، ان کي پنهنجي فيصلن جي لاءِ ڪنهن ٻئي جي ڪلهي جو سهارو وٺڻ جي ??رورت هوندي آهي، پارليامينٽ جي ??ل تي پارليامينٽ جي ٻاهر غيرچونڊيل ماڻهن تي دارومدار ڪري پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندا ته ان ??ان جمهوريت ڪمزور ٿيندي، جيڪو پئسو به سنڌ سرڪار جي ??والي ڪيو وڃي ٿو اهو ٻاهرئين ملڪ مان نڪري ٿو، سنڌ ۾ عام هاريءَ وٽ ته پاڻي نه اچي رهيو آهي پر فريال ٽالپر، آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه جي ??مينن ۾ پاڻي جو ڪو مسئلو نه آهي، هي ماڻهو پاڻ پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، ڪامياب جوان پروگرام ۾ صحافين جي لاءِ خصوصي اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو.
سنڌ جي اندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا