اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دو??ان برطانوي ميو??يڪ?? بينڊ به پاڪستان جو دو??و ڪندو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميو??يڪ?? بينڊ جي پاڪستان جي دوري جي آ??يا?? ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيو??سٽ?? جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيو??سٽ??ن وانگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيو??سٽ?? ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ