ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو ??اندار استقبال ڪيو، ٻارن وزيراعظ?? کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان جو ??ريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظ?? کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو ??ريلنڪا جو ??هو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج