اسلام آ??اد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آ??اد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلام آ??اد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي رو??اني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران رو?? پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ رو??يتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان کي انهن رو??يتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.
ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير ڪيو
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری