دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??واز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ??ين??ا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خا??مي، منشيات جي خا??مي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ??حمد نواز شريف تاجڪ قيادت سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ??ين??ڙ ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته هو تاجڪستان ۾ سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ ان جي شاندار اقتصادي ترقي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان رستن، ريل ۽ هوائي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
سي پيڪ سان علائقائي رابطن کي فروغ لاءِ نوان موقعا ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : رومن دولت