اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسي?? چيو آهي ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ سڌارن لاءِ نون قانونن جي ضرورت آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ جلد ئي نوان قانون متعارف ڪرائيندي جنهن جا مثبت نتيجا نڪ??ندا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسلاميه ڪاليج يونيورسٽي پشاور ۽ اسلاميه ڪاليج لاهور جي شاگردن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. اهو ميڙ ??ائداع??م جي سالگرهه جي تقريبن جي سلسلي جي ڪڙيءَ هو. صدر چيو ته اقتصادي لنگهه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ اقتصادي سرگرمين ۾ نئين زندگي پيدا ٿيندي ۽ روزگار جا ڪيترائي موقعا ملندا جن مان فائدوکڻڻ جي لاءِ نوجوانن کي هينئر کان ئي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ