گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ??لسطيني پناهگيرن بابت امدادي اداري (??و اين آر ڊبل??و اي) اتر غزه ۾ فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل ٽن هفتن کان ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري بمباري سبب علائقي ۾ هر طرف لاش وکريل آهن، امدادي ڪارروايون ناممڪن ٿي چڪيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو زن??ه آهن انهن وٽ موت جي انتظار کانسواءِ ڪو آپشن باقي ناهي بچيو. ??و اين آر ڊبل??و اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته مسلسل اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب اتر غزه جي رهواسين کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سهولتن جي ??راهمي ناممڪن ٿي چڪي آهي، اتي روڊن تي ۽ ملبي هيٺان لاش ئي لاش آهن ۽ انهن کي دفنائڻ ۽ زن??ه بچي ويلن کي امدادي جي ??راهمي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، اتي موجود ماڻهو رڳو موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، هو پاڻ کي نااميد ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ لمحو موت جي خوف ۾ زن??ه رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيلي طرفان ??و اين آر ڊبل??و اي (انروا) جي عمارتن کي حملن جو نشانو بڻائڻ سبب اتي بي گهر، زخمي ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جي ??دد ناممڪن ٿي چڪي آهي. هن جو چوڻ هو ته غزه ۾ پنهنجي عملي طرفان فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيو آهيان جيڪو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڇو ئي نه هجي ته جيئن انهن خاندانن لاءِ محفوظ انساني رستي کي ممڪن بڻائي سگهجي جيڪي علائقو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا.
اتر غزه ۾ هر طرف لاش، سهولتون اڻ لڀ، گڏيل قومن جي امدادي ادارن طرفان فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات