گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نس?? ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خبردار ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ??ابرو ا??ار?? مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائيل طرفان نس?? ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي ??رصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برا??ر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ??ه جيڪي کين هڪ قومي گرو??ه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل طرفان فلسطينين جي نس?? ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ??ه 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ