بيجنگ – 05 آگسٽ (اي پي پي) چين ڪشمير مسئلي تي ??نهنجي مستقل ۽ واضح موقف جو ورجاءُ ڪندي سفارتي ذريعن س??ن پراڻي تڪرار جي پر امن حل جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪشمير مسئلي تي چين جو موقف مستقل ۽ واضح آهي ته ڪشمير مسئلو تاريخ جو مڃيل تڪرار آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ٻطرفي معاهدن مطابق پرامن طريقي ??ان حل ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي ڀارتي ڪارروائين خاص طور تي گذريل 5 سالن ۾ تڪراري علائقي ??ي ح??ثيت ۽ آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي باري ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيني ترجمان سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو هڪ طرفو قدم کڻڻ ک??ن پاسو ڪن جنهن سان صورتحال وڌيڪ مُشڪل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر