واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ ??وجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ۾ فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ ??وجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي حملي ل??ءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 مت??ثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي مت??ثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ مت??ثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي جي مت??ثرن ل??ءِ قائم آمريڪي فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي ادائيگين ل??ءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا