بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي ان واقعي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪام??اب نه ٿ??ندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان واقعي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ت?? 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چ??ني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 5 چ??ني ۽ هڪ پاڪستاني شهري فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ت?? اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ چ??ني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يق??ني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ت?? پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني چ??ني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي رکڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد حملن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ت?? چين ۽ پاڪستان س??ار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪت??ار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪر??ار ادا ڪري ٿو. هن چيو ت?? چين پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪام??اب نه ٿ??ندي. هن چيو ت?? چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ت?? چين پاڪستان ۾ چ??ني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل تحفظ کي يق??ني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت