گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪ??دي چيو آهي ته اسرائيل طرفان ان کي ختم ڪرڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي ج?? جاءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اسان گذريل 75 سالن ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اين آر ڊبليو اي ج?? ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسرائيل، آم??يڪا ۽ ڪجهه ٻين اولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري ج?? عملي ج?? 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم او آءِ سي ج?? نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪرڻ جي آم??يڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اين آر ڊبليو اي ج?? ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني ج?? گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اين آر ڊبليو اي ج?? اهم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائيلي حملي ج?? مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو