گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجه??د جو ٿيندو. جنرل اسيم??لي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسيم??لي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوا??و ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ ??ند?? جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿ??ڻ گهرجي. جنرل اسيم??لي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن جي جنرل اسيم??لي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ ??ند?? جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : números quina hoje