جنيوا -18 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ اسپتال تي حملي کان پوءِ خبردار ڪيو آهي، ته غزه جي پٽي ۾ صورتحال بي قابو ٿيندي پئي وڃي. فر??نس جي خابرو اداري مطابق عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊ روس ايڊهينوم گيبريس گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻنهي ڌرين کي پرتشدد ڪارروائيون روڪڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر هڪ سيڪنڊ ۾ طبي امداد جي انتظام ۾ اسان زندگيون وڃائي رهيا آهيون، اسان جان بچائڻ وارن امدادي سامان جي فر??همي لاءِ فوري پهچ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته اڱاري ڏينهن غزه جي اسپتال ۾ اسرائيلي حملي ۾ 200 کان 300 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته حماس ش??يدن جو انگ 500 ٻڌايو آهي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania