رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل ب?? فرحان حماس طرفان ??سر??ئيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ??عودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته ??هي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل ب?? فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ ??ي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته ??يئن عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته ??سر??ئيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده ??يصل ب?? فرحان سا?? فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. فرانس جي پرڏيهي وزير غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته ??عودي عرب ڪنهن به حالت ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ڌريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏيهي وزير سعودي پرڏيهي وزير سان فلسطين ۽ ??سر??ئيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام